آسٽريليا ٻي ٽيسٽ ۾ ڀارت کي 10 وڪيٽن تان هارائي سيريز برابر ڪري ڇڏي

ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا بارڊر گواسڪر ٽرافي جي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي.
ايڊيليڊ ۾ کيڏيل سيريز جي ٻي ميچ ۾ ڀارتي بيٽنگ لائن مڪمل طور فلاپ ٿي وئي، ڀارت پهرين اننگز ۾ 180 رنسون ٺاهيون.
آسٽريليا پهرين اننگز ۾ ٽريوس هيڊ جي سينچري جي مدد سان 337 رنسون ٺاهي 154 رنسن جي سرسي حاصل ڪئي.
ڀارتي ٽيم ٻي اننگز ۾ 175 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ آسٽريليا کي 19 رنسن جو هدف مليو، جيڪو هن بنا ڪنهن نقصان جي حاصل ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.