جينز ۾ ننڍو کيسو ڇو هوندو آهي؟

سڄي دنيا ۾ ماڻهو جينز پائيندا آهن پر ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته جينز جي کيسي اندر هڪ ننڍو کيسو ڇو هوندو آهي؟
جينز جي کيسي ۾ هڪ ٻيو ننڍو کيسو اصل ۾ پاڪٽ گهڙين جي حفاظت لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو هو.
ليوي اسٽراس ۽ جيڪب ڊيوس 1873 ۾ پنهنجي جينز ۾ ان کيسي کي متعارف ڪرايو هو، ان وقت ان کيسي جو هڪ ئي مقصد نازڪ چين وارين گهڙين جي حفاظت هو، کيسي جي سائز گهڙين کي نقصان ۽ چوري کان محفوظ رکندي هئي.
ان کانپوءِ کيسو ٻين مقصدن لاءِ به استعمال ٿيڻ لڳو، جيئن سڪا، ماچس، ٽڪيٽ، لپ اسٽڪ، يو ايس بي رکڻ وغيرا.
توهان ان ننڍي کيسي جي ڪنڊن تي لوهه جا بٽڻ لڳل به ڏٺا هوندا، جنهن جو مقصد ان جي مضبوطي کي وڌائڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.