چيف جسٽس 26 آئيني ترميم خلاف درخواستن تي فل ڪورٽ جوڙڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستن تي فل ڪورٽ ٻڌڻي جي مخالفت ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جسٽس منصور علي شاهه جي خط جو جواب جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ ڏنو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ 26 هين آئيني ترميم کي فل ڪورٽ آڏو ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو ذڪر ٿيو، جسٽس منصور علي شاهه 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستن تي فل ڪورٽ ذريعي ٻڌڻي جي ڳالهه ڪئي.
جسٽس يحيٰ آفريدي جسٽس منصور علي شاهه جي فل ڪورٽ واري تجويز جي مخالفت ڪئي.
ذريعن موجب، چيف جسٽس جو چوڻ هو ته 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستون ڪنهن کي ۽ ڪيئن فڪس ڪرڻيون آهن؟ اِهو آئيني ڪميٽي طئي ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس جي ان راءِ جي جڊيشل ڪميشن جي اڪثريتي ميمبرن حمايت ڪئي.
ذريعن موجب، جسٽس منصور چيف جسٽس جي راءِ تي چيو ته هن خط ۾ 26 هين آئيني ترميم فل ڪورٽ آڏو مقرر ڪرڻ جو ذڪر ڪيو، جڊيشل ڪميشن کي اِهو اسڪوپ ئي حاصل نه آهي ته 26 هين آئيني ترميم کي بحث هيٺ آڻي.
ذريعن موجب، چيف جسٽس جواب ڏنو ته 26 هين آئيني ترميم بعد آئيني ڪيسن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو اختيار آئيني بئنچ ڪميٽي وٽ آهي.
جڊيشل ڪميشن جي هڪ ميمبر جو چوڻ هو ته رولز بڻائڻ وارو معاملو اهميت رکندڙ آهي .
اڪثريتي ميمبرن جي راءِ هئي ته ججن جي مقرري لاءِ رولز بڻائڻ وارو معاملو ماتحت ڪميٽي طئي ڪندي، جڊيشل ڪميشن رولز ٺاهڻ لاءِ ماتحت ڪميٽي جوڙڻ جو اختيار چيف جسٽس ڏئي ڇڏيو.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي کي 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستن تي فيصلي تائين جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.