بٽ ڪوائن جي قيمت هڪ لک ڊالر کان به وڌي وئي

هڪ بٽ ڪوائن جي قيمت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ لک آمريڪي ڊالرن کان به وڌي وئي.
خميس ڏينهن ايشيا جي مارڪيٽ کلڻ کان اڳ هڪ بٽ ڪوائن جي قيمت 96 هزار 250 آمريڪي ڊالرن جي ويجهو هئي پر 5 ڊسمبر تي مارڪيٽ کلندي ئي بٽ ڪوائن جي قيمت ۾ زبردست واڌ ڏٺي وئي.
ايشيا جي مارڪيٽ ۾ ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ئي هڪ بٽ ڪوائن جي قيمت هڪ لک 4 هزار آمريڪي ڊالرن کان وڌي وئي.
بٽ ڪوائن جي قيمت ۾ 5 نومبر کانپوءِ رڪارڊ واڌ ڏٺي وئي آهي، ڇو ته نئون آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪرپٽو ڪرنسي جو حامي آهي، سندس ڪاميابي کانپوءِ اميد ڪئي پئي وڃي ته ان جي انتظاميا ڪرپٽو ڪرنسي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪندي.
ٽرمپ جي ڪاميابي کانپوءِ ان ڊجيٽل ڪرنسي جي قيمت ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ٿي آهي ۽ سال جي شروعات کان هيل تائين تقريبن 134 سيڪڙو واڌ ڏٺي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.