ايپل پهريون فولڊ ايبل فون ڪڏهن متعارف ڪرائيندو؟ اهم خبر

هاڻي تائين ڪيئي ڪمپنيون فولڊ ايبل فون تيار ڪري چڪيون آهن پر ايپل اهڙو ڪو به آءِ فون تيار ناهي ڪيو.
پر هاڻي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايپل طرفان پهريون فولڊ ايبل آءِ فون 2026ع جي ٻي ڇهه ماهي دوران متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.
ڊي ايس سي سي جي رپورٽ موجب، ايپل جو پهريون فولڊ ايبل آءِ فون بڪ اسٽائل جو هوندو يعني اوهان ڊسپلي کي ڪنهن ڪتاب جيان کولي يا بند ڪري سگهندئو.
پهريان چيو پئي ويو ته ايپل طرفان فلپ انداز جي فولڊ ايبل آءِ فون متعارف ڪرائي ويندي، پر رپورٽ موجب ان جي ڊيزائن مختلف هوندي.
اِها فولڊ ايبل آءِ فون وڏي هوندي ڇو ته ڪمپني جو خيال آهي ته واهپيدار وڏي ڊسپلي وارا فولڊ ايبل فونز پسند ڪن ٿا.
رپورٽ موجب، پهرين فولڊ ايبل آءِ فون 7.9 کان 8.3 انچ وڏي ٿي سگهي ٿي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته اِها فولڊ ايبل آءِ فون لچڪدار ۽ ايل اي ڊي ڊسپلي سان ليس هوندي ۽ هزارين دفعا کولي بند ڪرڻ سان به ان کي نقصان نه پهچندو.
فون جي اندر نئون طاقتور پراسيسر هوندو جڏهن ته ڪئمرا سسٽم به بهترين هوندو.
فولڊ ايبل سمارٽ فونز ۾ ايپل جي قدم رکڻ سان ان ڊيوائسز جي وڪرو ۾ واڌاري جو به امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.