دبئي( ويب ڊيسڪ ) انڊر 19 ايشيا ڪپ جي ستين ميچ ۾ پاڪستان گڏيل عرب رياستن ( يو اي اي ) کي 69 رنسن تان مات ڏئي ڇڏي.
دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان جي 315 رنسن جي هدف جي جواب ۾ يو اي اي جي ٽيم مقرر پنجاهه اوورن ۾ اٺ وڪيٽن جي نقصان تي 245 رنسون ٺاهي سگهي.
ان کان اڳ يو اي اي ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن م ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 314 رنسون ٺاهيون.
شاهزيب خان ٽورنامينٽ ۾ لاڳيتو ٻي سينچري اسڪور ڪندي 132 ۽ محمد رياض الله 106 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي جڏهن ته عثمان خان 41 ۽ فهم الحق 20 رنسون ٺاهيون.
قومي انڊر 19 ٽيم ٽورنامينٽ ۾ لڳاتار ٻي فتح ماڻي اڳئين مرحلي لاءِ پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري ورتي آهي، گرين شرٽس پهرئين مقابلي ۾ روايتي مخالف ڀارت کي 43 رنسن تان شڪست ڏني هئي.
شاندار ڪارڪردگيءَ تي عبدالسبحان کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
You might also like