لاهور (ويب ڊيسڪ) اُڀرندڙ اداڪارا حنا طارق چيو آهي ته بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان شادي لاءِ سندس اوسيئڙي ۾ آهي.
نجي ٽي وي چئنل جي مارننگ شو ۾ مهمان بڻي، ساڻس گڏ حنا طارق، زينب رضا، رابعه ڪلثوم ۽ عمر شهزاد شامل هئا.
ان موقعي تي شو جي ميزبان اداڪارا کان پڇيو ته هوءَ ڪهڙي شخصيت کي فالو ڪندي آهي؟
جنهن جي جواب ۾ عمر شهزاد ۽ رابعه ڪلثوم ٻڌايو ته هوءَ سلمان خان کي فالو ڪندي آهي، جيڪو سڀ ڄاڻن ٿا، سندس ڪچهري جو موضوع به سلمان خان ئي هوندو آهي، زينب عباس چيو ته هوءَ به سلمان جي شخصيت مان متاثر آهي.
ميزبان اداڪارا حنا کان سوال ڪيو ته ڀلا ٻڌائي ته سلمان خان شادي ڪڏهن ڪندو؟ جنهن تي اداڪارا مسڪرائيندي چيو ته هو( سلمان خان ) سندس اوسيئڙي ۾ آهي جڏهن هوءَ ٿوري وڏي ٿي ويندي ته شادي ڪندي.
You might also like