ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلديه عظميٰ ڪراچي شهر جي انفرا اسٽرڪچر جي بهتري تي وڌيڪ 40 ڪروڙ خرچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
بلديه عظميٰ طرفان ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 20 ترقياتي اسڪيمن بابت انجنيئرنگ کاتي ٽينڊر اوپن ڪري ڇڏيا.
ضلعي اولهه ۾ 8، ڪياماڙي ۾ 6 ۽ سينٽرل ضلعي ۾ به 6 ترقياتي اسڪيمن بابت ٽينڊر اوپن ڪيا ويا آهن، جنهن تحت مومن آباد يوسي 2، 3 ۽ 6 ۾ روڊ جي مرمت ڪئي ويندي ۽ سيوريج نظام درست ڪيو ويندو.
ميٽروول جي يوسي 8 جي روڊ تي پيو بلاڪ لڳايا ويندا، اورنگي ٽائون جي يوسي 1، 3، 7 ۽ 8 ۾ ترقياتي ڪم ڪيا ويندا، ماڙي پور ۾ روڊن جي مرمت ۽ سيوريج سسٽم درست ڪيو ويندو.
ڀٽه وليج يوسي 9 ۾ سيوريج جي نظام کي درست ڪيو ويندو، جڏهن ته نيو ڪراچي ۽ نارٿ ناظم آباد جي يوسين ۾ به ترقياتي ڪم ڪيا ويندا.
You might also like