ميوزڪ اسٽريمنگ ايپليڪيشن اسپوٽيفاءِ پنهنجي ڪجهه واهپيدارن مٿان موسيقي ٻڌڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هلندڙ هفتي ڪيئي واهپيدارن اسپوٽيفاءِ جي نه هلڻ جي شڪايت ڪئي جنهن جو سبب ڪو ٽيڪنيڪي مسئلو نه پر ايپليڪيشن طرفان مڙهيل پابندي آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، جيڪي صارفين پريميئم سروسز لاءِ ادائيگي ناهن ڪرڻ چاهيندا، اسپوٽيفاءِ اهڙن واهپيدارن کي اشتهارن سان گڏ هڪ مفت ورزن پيش ڪندو آهي.
رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اسپوٽيفاءِ مفت استعمال ڪرڻ وارن واهپيدارن لاءِ پليٽ فارم تائين پهچ روڪي سندن پلي لسٽ خالي ڪري ڇڏي آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، گهڻي قدر اسٽريمنگ ڪمپنيون اِها ڳالهه ڄاڻن ٿيون ته سندن ايپس جي ڪنهن به ترميم ٿيل ورزن جو مختلف طريقن سان غلط استعمال ڪري سگهجي ٿو، تنهنڪري ضروري آهي ته انهن جي رسائي کي بلاڪ ڪيو وڃي.
رپورٽس موجب، پليٽ فارم اي پي آءِ سطح تي ان موڊيڊ ايپس جا در بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اِهو يقيني بڻائي سگهجي ته جيئن سمورا واهپيدار پلي اسٽور تي موجود آفيشل ايپ جو رخ ڪن.
You might also like