سريلنڪا ۾ سامونڊي طوفان، ٻوڏ سبب 4 ڄڻا فوت، اڍائي لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ۾ طاقتور طوفان جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويل 4 ٻارن جا لاش ڪڍيا ويا، جڏهن ته 4 ڄڻا اڃا گم آهن ۽ هاڻ اهو طوفان سست ٿي ڀارت ڏانهن وڌي رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب سريلنڪا ۾ ٻوڏ سبب هزارين گهر پاڻي هيٺ اچڻ جي نتيجي ۾ هيل تائين 2 لک 50 هزار ماڻهو پنهنجون رهائشگاهون ڇڏڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن.
ڀارتي موسميات کاتي امڪان ظاهر ڪيو آهي ته ڏکڻ اولهه نار بنگال تي موجود گهرو دٻاءُ سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.