اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پهرين ڊسمبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 15 پيسا في ليٽر، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 20 پيسا تائين واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ جو اگهه 4 رپيا في ليٽر تائين وڌي سگهي ٿو.
ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ لاها چاڙها ڏسڻ ۾ آيا آهن، پيٽروليم شين جي اگهن بابت حتمي فيصلو 30 نومبر تي ٿيندو.
پيٽروليم واري وزارت ناڻي واري وزارت کي ورڪنگ موڪليندي ۽ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب وزيراعظم جي مشاورت سان نون اگهن جو اعلان ڪندو.
Next Post
You might also like