اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي تخت گاهه ۾ احتجاج تي عمران خان سميت پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف اسلام آباد ۾ دهشتگردي سميت ٻين قلمن تحت 8 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
اسلام آباد ۾ احتجاج تي پي ٽي آءِ باني، قيادت ۽ هزارين ڪارڪنن خلاف دهشتگردي روڪ، اسيمبلي ايڪٽ، پوليس تي حملن، اغوا، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت، قلم 144 جي ڀڃڪڙي سميت ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
ڪيس شهزاد ٽائون ٿاڻي، سهاله، بني گالا، ڪهنه، شمس ڪالوني، ترنول، نون، نيلور ۾ داخل ڪيا ويا آهن.
ڪيسن ۾ عمران خان، بشريٰ بي بي، علي امين گنڊاپور، سلمان اڪرم راجا، شيخ وقاص اڪرم ۽ مقامي قيادت سميت هزارين اڻڄاتل ماڻهن کي شامل ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج تي چوٿون ڪيس صادق آباد ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ جي قلمن تحت داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ قتل جي قدمن، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت سميت 14 قلم شامل آهن.
ڪيس ۾ عمران خان، عليمه خان، بشريٰ بي بي، علي امين، عمر ايوب، حماد اظهر، اسد قيصر، عارف علوي سميت ٻين اڳواڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي.
You might also like