پي ٽي آءِ اڳواڻن کي اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات جي اجازت نه ملي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻن جي اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات جي درخواست منظور نه ٿي.
پي ٽي آءِ جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا باني عمران خان سان ملاقات لاءِ جيل اختيارين سان رابطو ڪيو پر ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي.
ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري به عمران خان سان ملاقات لاءِ جيل سپرنٽينڊنٽ کي درخواست ڪئي ته منهنجي اصيل کي اڪيلائي ۾ قيد ۾ رکيو ويو آهي، مون کي سندس طبعيت جي حوالي سان ڳڻتي آهي، فوري طور ملاقات ڪرائي وڃي.
جيل ذريعن موجب ملاقاتين کي جواب ڏنو ويو ته عمران خان جيل جي تحويل ۾ نه پر راولپنڊي پوليس جي حراست ۾ آهي، ساڻس ملاقات جا خواهشمند راولپنڊي پوليس سان رابطو ڪن.
جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته عمران خان جسماني رمانڊ تي راولپنڊي پوليس جي حراست ۾ آهي ۽ ان جي سيل کي راولپنڊي نيو ٽائون ٿاڻي جو حصو قرار ڏنو ويو هو، ان سان ملاقات ڪرائڻ يا نه ڪرائڻ جو اختيار جيل انتظاميا وٽ ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.