ايشوريا راءِ پنهنجي نالي مان ” بچن“هٽائي ڇڏيو؟ وڊيو وائرل

دبئي(ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سپر اسٽار ايشوريا راءِ جي هڪ تازي وڊيو سوشل ميڊيا تي هڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اڳوڻي سونهن راڻي ۽ بالي ووڊ اداڪارا ايشوريا راءِ ويجهڙ ۾ دبئي گلوبل وومينز فورم جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جتي هن عورتن جي حقن ۽ کين بااختيار بڻائڻ بابت خطاب ڪيو.
ايونٽ جي آفيشل انسٽاگرام پيج طرفان ايشوريا جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جڏهن اداڪارا اسٽيج تي قدم رکيو ته پس منظر ۾ هڪ وڏي اسڪرين تي سندس نالو” ايشوريا راءِ، انٽرنيشنل اسٽار.“ لکجي آيو.
اداڪارا جي نالي سان گڏ ” بچن “ نه لڳائڻ تي سوشل ميڊيا واهپيدار مختلف قسم جا تبصرا ڪري رهيا آهن، سوشل ميڊيا واهپيدارن جو خيال آهي ته ايشوريا راءِ باظابطا طور بچن جو سر نيم پنهنجي نالي تان هٽائي ڇڏيو آهي.
ٻئي پاسي اداڪارا جي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ جي پروفائل مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اداڪارا باظابطا طور تي بچن سر نيم ناهي هٽايو ڇو ته اتي سندس نالو ساڳيو ئي آهي.
ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ اهي ته ايشوريا راءِ جي پنهنجي هڪ سڃاڻپ آهي، کيس ڪنهن بچن جي ضرورت ناهي تنهنڪري پروفيشنلزم تحت ايونٽ انتظاميا طرفان اداڪارا جي نالي سان بچن نه لکيو ويو.
واضح رهي ته ايشوريا راءِ ۽ اڀيشيڪ بچن 2007ع ۾ شادي ڪئي هئي،پر ڪجهه عرصي کان ٻنهي جي عليحدگي جون خبرون ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن، جڏهن ته جوڙي طرفان اهڙي قسم جي خبرن جي تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.