ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي جو بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويو.
تجويز ڪيل قانون تحت جيڪڏهن سوشل ميڊيا ڪمپنين 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي اڪائونٽ ٺاهڻ کان روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم نه کنيا ته انهن ڪمپنين تي ڏنڊ لاڳو ڪري سگهجي ٿو.
اها پابندي ٽڪ ٽاڪ، ايڪس، انسٽاگرام ۽ سنيپ چيٽ سميت ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي لاڳو ٿيندي.
بل منظور ٿيڻ جي صورت ۾ اهو قانون هڪ سال جي اندر لاڳو ٿي ويندو.