اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطا الله تارڙ پي ٽي آءِ باني جي جيل مان بيان تي ردعمل ڏنو آهي.
عطا تارڙ چيو ته جيل مان آزاد ڪيو ته احتجاج ملتوي ڪري ڇڏيندس جو بيان گهٻراهٽ جو اعتراف آهي، 24 نومبر تي ڏڦيڙ جي سڏ جو مقصد ڊيل لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي.
هن چيو ته جيڪو چوندو هو ڊيل نه ڪندس هاڻ ڊيل ڪيو ڊيل ڪيو هو صدائون ڏئي رهيو آهي ۽ وفاق تي ڪاهه ڪرڻ جو چئي رهيو آهي، توهان سان ڊيل رڳو قانون ڪندو، جنهن جا توهان ڏوهي آهيو.
You might also like