ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) هريني امرسوريا هڪ ڀيرو ٻيهر سريلنڪا جي وزيراعظم مقرر ٿي وئي.
سريلنڪا جي نئين چونڊيل صدر انورا ڪمارا ڊسانائيڪي هريني امرسوريا جي ٻيهر وزيراعظم طور مقرري ڪري ڇڏي.
صدر انورا ڪمارا ڊسانائيڪي ناڻي واري وزارت جو قلمدان پاڻ وٽ رکندي وجيتا هيراٿ کي پرڏيهي وزارت جو قملدان ڏئي ڇڏيو.
سريلنڪن اليڪشن ڪميشن موجب انورا ڪمارا ڊسانائيڪي جي نيشنل پيپلز پاور اتحاد تقريبن 62 سيڪڙو يا 70 لک ووٽ حاصل ڪيا ۽ 196 سيٽن مان 159 حاصل ڪيون.
پارليامينٽ جي 225 سيٽن لاءِ 8 هزار 800 اميدوارن چونڊ عمل ۾ حصو ورتو هو.
Prev Post
Next Post
You might also like