حيدرآباد(رپورٽر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ۽ ان جي عوامي محاذن سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي پڄاڻي تي سنڌو درياهه تي اسٽريٽ ٿيٽر پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ڪميونسٽ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري امداد قاضي چيو ته سنڌو درياھه ۾ پاڻي نه هجڻ باوجود وڌيڪ ڪئنالن جي اڏاوت جي منظوري ڏئي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، هن چيو ته گرين انيشيٽو منصوبي تحت سڄي ملڪ جي زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، حڪمران طبقو ۽ روايتي پارٽيون سامراجي ادارن جا غلام ۽ مئنيجر جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، ڪميونسٽ پارٽي جي صوبائي سيڪريٽري اقبال چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ نون واھه سنڌ جي ماڻهن کي زندگي کان محروم ڪرڻ جو منصوبو آهي، جنهن تي اسان سڀني کي گڏجي جدوجھد ڪرڻي پوندي.ريلي کي ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي ميمبر ڪلثوم جمال، سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳواڻ ارباب رستماڻي ۽ ڊي ايس ايف اڳواڻ ذوالفقار کوسو پڻ خطاب ڪيو.