پي ٽي آءِ کي وڌيڪ 9 مئي جهڙن واقعن جي اجازت نه ڏني ويندي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي 9 مئي جهڙا واقعا ٻيهر ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ڪنهن تخريبڪاري جي اجازت نه ڏينداسين.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني 24 نومبر جو سڏ ڏنو آهي، منهنجو سوال آهي ته عمران خان ڇا جو سڏ ڏنو آهي، پي ٽي آءِ سڄي دنيا ۾ پٽڪو ڪري رهي آهي.
هن چيو ته انهن کي ڪجهه ايڪسٽينشن تي به اعتراض آهن، ڇا هي اهو پي ٽي آءِ باني ناهي، جنهن پاڻ به ايڪسٽينشن ڏني هئي، توهان وري ماڻهن کي ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو، لنڊن ۾ قاضي فائز، خواجا آصف سان بدتميزي ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته توهان جي سڏ تي پاڪستاني ٻاهر نه نڪرندا، توهان جي سڏ کي ماڻهن سنجيده وٺڻ ڇڏي ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.