دبئي ( ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل چيمپيئنز ٽرافي جي نئين ”ويزئول آئيڊينٽيٽي“ ريليز ڪري ڇڏي.
ريليز ڪيل ويڊيو ۾ چيمپئنز ٽرافي 2025 پاڪستان جو لوگو به ڏيکاريو ويو آهي، آءِ سي سي چيمپئننز ٽرافي برانڊ جو نئون ٽائپو گرافڪ لوگو به جاري ڪيو آهي.
چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي ذڪر ۾ پاڪستان جو مشهور ٽرڪ آرٽ به ڏيکاريو ويو آهي، ان ويزئول آئيڊينٽيٽي ۾ ايونٽ جي لوگن سميت ٻين تصويري عنصرن جي نمائندگي ڪئي وئي آهي.
آءِ سي سي مينز چيمپيئنز ٽرافي 2017 کان پوءِ پهريون دفعو ٿي رهي آهي، جيڪا ايندڙ سال پاڪستان ۾ کيڏي ويندي.
واضح رهي ته 2026 ۾ ويمنز چيمپيئنز ٽرافي سريلنڪا ۾ ٿيندي.