اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) گستاخاڻو ۽ فحش مواد پکيڙيندڙ ويب سائيٽس کي بلاڪ ڪري ڇڏيو.
پي ٽي اي گستاخاڻو ۽ فحش مواد پکيڙيندڙ ويب سائيٽس کي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ هيل تائين 100183 گستاخاڻي لنڪس ۽ 844008 فحش ويب سائيٽس کي بلاڪ ويو آهي.
پي ٽي اي طرفان سوشل ميڊيا تي گستاخاڻو ۽ غير اخلاقي مواد پکيڙيندڙ ويب سائيٽس خلاف سخت قدمن تحت ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي، پي ٽي اي انهن ويب سائيٽس کي به بلاڪ ڪري رهي آهي، جن جو اطلاع حڪومتي تنظيمن ۽ شهرين طرفان ڏنو پيو وڃي.
انگن اکرن موجب اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي ته سڄي ملڪ ۾ روز تقريبن 20 ملين فحش ويب سائيٽس تائين پهچ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، جيڪي عالمي گيٽ وي تي بلاڪ آهن.
واهپيدار عالمي گيٽ وي تي بلاڪ ٿيل انهن ويب سائيٽس تائين پهچ لاءِ وي پي اين استعمال ڪندا آهن، پي ٽي اي ان مواد کي اثرائتي طريقي سان روڪڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آهي.
انگن اکرن ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته روز 2 ڪروڙ پاڪستاني فحش مواد ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پي ٽي اي طرفان روز اهڙين ڪوششن کي ناڪام بڻايو ويندو آهي.
پاڪستانين طرفان بلاڪ ٿيل فحش ويب سائيٽس تائين پهچ لاءِ وي پي اين جي استعمال جو انڪشاف
Next Post
You might also like