عمران خان کي عدالت مان هڪ ٻيو رليف ملي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني کي عدالت مان هڪ ٻيو رليف ملي ويو.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ٻين جي لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ بريت جي درخواستن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
سيشن عدالت جي جج ياسر محمود عمران خان سميت ٻين سياسي اڳواڻن کي لانگ مارچ ۽ ڀڃ ڊاهه جي هڪ ٻئي ڪيس مان آجو ڪري ڇڏيو.
بري ٿيندڙن ۾ اسد قيصر، سيف الله نتازي، شيخ رشيد، صداقت عباسي، فيصل جاويد ۽ علي نواز اعواڻ به شامل آهن.
پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين خلاف 20 آگسٽ 2022 ۾ آبپارا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.