دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي جي تازي ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستان جو فاسٽ بالر شاهين آفريدي نمبر ون بالر بڻجي ويو.
آسٽريليا خلاف تازي ون ڊي سيريز ۾ شاهين آفريدي بهترين بالنگ ڪرائيندي 8 وڪيٽون ورتيون هيون، هن هڪ سال جي وڏي وقفي کانپوءِ بالرن جي رينڪنگ ۾ ٻيهر پهريون نمبر حاصل ڪري ورتو آهي.
ان کانسواءِ آسٽريليا خلاف سيريز ۾ 10 وڪيٽون حاصل ڪندڙ فاسٽ بالر حارث رئوف 13هين پوزيشن جي اچي ويو آهي، کيس پليئر آف دي سيريز جو ايوارڊ به مليو هو.
هوڏانهن بيٽرن جي رينڪنگ ۾ پاڪستان جو بابر اعظم پهرئين نمبر تي آهي.
You might also like