بنا اجازت سرڪاري اداري جي نالو جو استعمال، 8 نجي هائوسنگ سوسائٽيز کي نوٽيس جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي جاچ اداري ( ايف آءِ اي ) پنجاب جي اٺ نجي هائوسنگ سوسائٽيز کي سرڪاري اداري جو نالو بنا اجازت استعمال ڪرڻ تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
ايف آءِ اي ترجمان موجب، اٺ نجي هائوسنگ سوسائٽيز جي انتظاميا کي 14 نومبر تي ايف آءِ اي آفيس طلب ڪيو ويو آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته سرڪاري ادارن جو نالو بنا اجازت استعمال ڪرڻ وارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.