ٽن ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو، نوٽيفڪيشن جاري

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي راولپنڊي ۾ ٽن ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.
ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي حسن وقار چيما جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پوليس اختيارين سميت ضلعي آفيسرن ۽ لاڳاپيل عهديدارن شرڪت ڪئي.
ڊي سي راولپنڊي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته امن امان جي صورتحال برقرار لاءِ شهر ۾ ٽن ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ اضافي سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويندا.
نوٽيفڪيشن موجب، راولپنڊي ۾ هر قسم جي عوامي جلسي، جلوس ۽ ريلي تي پابندي هوندي، عوامي ميڙاڪي سميت ٻين تقريبن تي به ٽن ڏينهن( اٺ کان ڏهه نومبر ) لاءِ پابندي لاڳو رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.