اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ انصاف تائين پهچ ۽ فراهمي ۾ بهتري کي نظر ۾ رکندي ننڍي مدي ۽ وچ مدي جي پاليسي تي جائزي جي پڌرائي جاري ڪري ڇڏي.
پڌرائيءَ موجب مختلف شعبن مان پروفيشلنز جي هڪ ٽيم عدالتي نظام جي موجوده وسيلن، اثرن ۽ موقعن جو جائزو ورتو، ان مشق جو مقصد سڌارن جي منصوبي کي عمل جوڳو بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ هو.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته تجويز ڪيل عدالتي سڌارن تحت معاشري جي ڪمزور طبقي جي ڪيسن کي ترجيح ڏني وڃي، عدالتي سڌارن جي نئين ڍانچي جي جوڙجڪ ۽ عمل درآمد لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرن کان راءِ ورتي پئي وڃي.
پڌرائيءَ موجب شروعاتي طور تي مختلف پس منظر رکندڙ پروفيشنلز، عدالتي عملي، وڪيل تنظيمن کان راءِ ورتي پئي وڃي، عدالتي سڌارن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ کان اڳ عوام کان به بحث ڪرايو ويندو.
You might also like