لاهور/اسلام آباد(معظم فخر+مطيع الله جان)عدليه تي حڪومت جو مڪمل ڪنٽرول ٿي ويو،حڪومت پنهنجي مرضي جي آئيني بئنچ جوڙي ڇڏي،جسٽس امين الدين”سپر چيف جسٽس“ بڻجي ويو، مستقبل ۾ سپريم ڪورٽ ۾ هو چيف جسٽس جي ڪرسي جسٽس يحيٰ آفريدي سان گڏ شيئر ڪندي نظر ايندو، حڪومت چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي ان قابل به نه سمجهيو ته هو آئيني بئنچ جو حصو بڻجي،جسٽس منصور شاهه،جسٽس اطهر من الله،جسٽس عرفان سعادت کي به نظرانداز ڪيو ويو،جسٽس امين الدين مخصوص سيٽن واري فيصلي ۾ اقليتي نوٽ لکيو هو ۽ اهي سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جي مخالفت ڪئي هئي،هن نوٽ ۾ رياستي ادارن کي اها ترغيب ڏني هئي ته سپريم ڪورٽ جي ڪنهن فيصلي کي غيرآئيني سمجهن ته ان تي عملدرآمد جا پابند ناهن، جسٽس جمال خان مندوخيل جسٽس(ر)قاضي فائز عيسيٰ جهڙي سوچ رکندڙ آهي،جسٽس حسن اظهر رضوي مخصوص سيٽن واري فيصلي ۾ اڪثريتي ججن جو ساٿ ڏنو هو،آئيني بئنچ ۾ شامل 7 ججن کي هاڻي سپريم ڪورٽ مان خودمختياري ملي وئي آهي،جڏهن ته آئيني بئنچ قائم ٿيڻ کانپوءِ26 هين ترميم خلاف فل ڪورٽ اجلاس جو مطالبو ڪندڙ جسٽس منصور شاهه ۽ جسٽس منيب اختر جي اميدن تي به پاڻي ڦيرجي ويو آهي،ان ترميم خلاف پٽيشن جي ٻڌڻي هاڻي سپريم ڪورٽ بدران آئيني بئنچ ۾ ٿيندي،جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ جسٽس منيب اختر موقف اختيار ڪيو ته 13هين ميمبر جي شموليت تائين جڊيشل ڪميشن اڻ مڪمل آهي،جسٽس يحيٰ آفريدي،اٽارني جنرل ۽ اعظم نذير چيو ته ڪميشن ۾ پريزائيڊنگ آفيسر جي مقرري سان ئي هو ميمبر ٿي ويندو،جسٽس منيب اختر جي نڪتي کي رد ڪيو ويو،پر هو پنهنجي موقف تي قائم رهيو،جڊيشل ڪميشن لاءِ الڳ سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ تي غورويچار ڪيو ويو،اجلاس ۾ قانون واري وزير، اعظم نذير آئيني بئنچ ۾ سپريم ڪورٽ جا سمورا جج شامل ڪرڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي ٻئي پاسي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ترميم بعد ججز ڪميٽي ۾ جسٽس منيب اختر ٻاهر ٿي ويو، هاڻي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس منصور شاهه سان گڏ جسٽس امين الدين به شامل ٿي ويو آهي ۽ آئيني بئنچ لاءِ ڪميٽي ۾ جسٽس امين الدين سان گڏ جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس محمد علي مظهر شامل ٿي ويا.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 06 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو