مصري فوج جو هيلي ڪاپٽر ڪِري تباهه، ٻه پائلٽ اجل جو شڪار

قاهرا (ويب ڊيسڪ) مصري فوج جو هيلي ڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه پائلٽ اجل جو شڪار ٿي ويا.
قاهرا مان مصري فوج جي بيان موجب هيلي ڪاپٽر تربيتي اڏام دوران شلوفه جي علائقي ۾ ڪِري تباهه ٿيو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.