رضا رباني گذريل ڏينهن جي قانون سازي کي پارلياماني تاريخ جو ڪارو ڏينهن قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ٿيندڙ قانون سازي کي پارلياماني تاريخ جو ڪارو ڏينهن قرار ڏئي ڇڏيو.
پ پ سينيٽر رضا رباني گذريل ڏينهن پارليامينٽ مان هٿياربند فوجن جي سربراهن جي ملازمت جي مدي ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن جي انگ ۾ واڌ بابت ترميمي بل منظور ڪرڻ تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته ڊنل پارليامينٽ جو وجود سدائين خطري ۾ رهندو آهي.
هن چيو ته اهڙو قدم پارليامينٽ جي بالادستي کي نه پر خوف جي عنصر کي ظاهر ڪري ٿو، قانون سازي جو عدليا ۽ هٿياربند فوجن تي گهرو اثر ٿيندو، تاريخ اسان کي جمهوريت تي عمل نه ڪرڻ جو ذميوار سمجهندي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت اهم رولز کي معطل ڪري قانون سازي ڪئي، اهي بل اسٽينڊنگ ڪميٽين کي موڪليا وڃن ها، جتي غور ڪيو وڃي ها ۽ پوءِ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيا وڃن ها، جتي بحث ٿئي ها ۽ پوءِ انهن کي منظور ڪرايو وڃي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.