سونامي ڇا آهي ۽ ڇو ايندي آهي؟

سڄي دنيا ۾ 5 نومبر تي سونامي کان آگاهي جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي.
گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ سونامي جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد خوفناڪ طوفان سان ٿيندڙ تباهي کان بچاءَ لاءِ شعور پيدا ڪرڻ آهي.
واضح رهي ته گڏيل قومن جاپان جي تجويز تي 2015 ۾ سونامي کان آگاهي جو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو هو.
سونامي ڇا آهي ۽ ڇو ايندي آهي؟
سونامي هڪ اهڙي قدرتي آفت آهي، جنهن جي اچڻ سان شهرن جا شهر اجڙي ويندا آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ريڪٽر اسڪيل تي 6.5 جي شدت سان ايندڙ وڏن زلزلن سبب سمنڊ هيٺ ٽيڪٽونڪ پليٽون حرڪت ۾ اينديون آهن، سمنڊ هيٺ اها اوچتو حرڪت سونامي جي لهرن جو سبب بڻجندي آهي.
گذريل 100 سالن ۾ 58 سونامي اچي چڪيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ لکين ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن.
تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ تباهي آڻيندڙ سونامين مان هڪ 2004 ۾ انڊونيشيا جي ٻيٽ سماٽرا ۾ آئي هئي، جڏهن 9.1 شدت جي زلزلي کانپوءِ سونامي جي 50 ميٽر بلند لهرن 5 ڪلو ميٽر تائين علائقي کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو هو، جنهن سان تقريبن 2 لک 30 هزار ماڻهو فوت ٿيا هئا.
ان سونامي جا اثر سريلنڪا، ٿائلينڊ ۽ ڀارت ۾ به محسوس ڪيا ويا هئا.
جاپان جي مرڪزي ٻيٽ هونشو ۾ 2011 ۾ 9.0 شدت جي زلزلي ۽ سونامي سان تقريبن 20 هزار ماڻهو فوت ٿيا هئا.
2023 تائين سامونڊي آبادين لاءِ سونامي، ٻوڏ ۽ طوفانن جو خطرو وڌي ويندو، تنهن ڪري سونامي جي خطري کان بچاءَ جا قدم کڻڻ تمام ضروري آهن پر گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته سونامي کان خبردار ڪرڻ جو نظام هر جاءِ تي موجود ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.