رياٰض (ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب فٽبال فيڊريشن پاڪستان وومين فٽبال ٽيم کي قطر ۾ ميچ کيڏڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب، سعودي عرب طرفان قطر ۾ پاڪستان سان وومين فٽبال ميچ کيڏڻ جي آڇ ڪئي آهي، ٻئي پاسي پاڪستان فٽبال فيڊريشن به سعودي عرب سان ميچ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ميچ لاءِ پاڪستان ٽيم جو سمورو خرچ به سعودي فٽبال فيڊريشن جي ذمي هوندو جڏهن ته ميچ لاءِ ٻنهي ٽيمن جو تربيتي ڪئمپ قطر لڳائي ويندي.
سعودي عرب هلندڙ مهيني فيفا ونڊو ۾ عورتن جي دوستاڻي ميچ لاءِ پاڪستان فٽبال فيڊريشن ( پي ايف ايف) سان رابطو ڪيو آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like