جعلي نمبر پليٽن، ڪارن شيشن ۽ هٿيارن جي نمائش خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ سرڪار طرفان جعلي نمبر پليٽن، ڪارن شيشن ۽ هٿيارن جي نمائش خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ صوبائي گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ رينجرز جي نمائندن شرڪت ڪئي.
سمورن ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جو چوڻ آهي ته جعلي نمبر پليٽن ۽ ڪارن شيشن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
چيف سيڪريٽري ڪارن شيشن ۽ هٿيارن جي نمائش بابت عوامي آگاهي لاءِ گهرو کاتي کي گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ميڊيا ۾ آگاهي مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي.
اجلاس ۾ ڪميونٽي سرويلنس وڌائڻ لاءِ پاڙي جي سطح تي ڪميونٽي واچ گروپ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته امن امان جي بهتري لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنرن جي نگراني ۾ ڪميونٽي واچ گروپ ٺاهيا وڃن.
چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه چيو ته عوامي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا متحرڪ ٿين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.