ڪراچي: امن جي سفير ڀڳت ڪنور رام جي ورسي، تصوير آڏو ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش

ڪراچي ( رپورٽر ) انسانيت جو درس ڏيندڙ امن جي سفير شهيد ڀڳت ڪنور رام جي 85 هين ورسي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ملهائي وئي.
ڀڳت ڪنو رام ڪميٽي ۽ سول سوسائٽي طرفان امر راڳي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سندس تصوير آڏو ڏيئا ٻاري گلن ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
ان موقعي تي هيومن رائيٽس ڪميش پاڪستان جي چيئرمين اسد اقبال بٽ، ناصر منصور، سعيد بلوچ، مهيش ڪمار، عائشه ڌاريجو، نجمه مهيشوري، فهميده رياض، ماروي ڪلهوڙو، عزير کوسو، ماجد گبول ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ڀڳت ڪنور رام امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو، جيڪو رجعت پسند قوتن کي پسند نه هيو جنهن ڪري کيس رڪ ريلوي اسٽيشن تي شهيد ڪيو ويو.
هنن چيو ته سڄي دنيا خاص ڪري سنڌ ۾ ڀڳت ڪنو رام کي ياد ڪيو وڃي ٿو اڄ رڪ اسٽيشن تي ماڻهو گڏ ٿي ڏيئا ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي.
هنن چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي خلاف ڀڳت ڪنور رام جهڙن ڪردارن جي ضرورت آهي جيڪي پنهنجي پيغام وسيلي مذهبي انتهاپسندي جي پاڙ پٽين.
هنن وڌيڪ چيو ته ڀڳت ڪنور رام راڳ کانسواءِ غريبن جو هڏ ڏوکي پڻ هو کيس جيڪي به پئسا ملندا هئا اهي غريبن م ورهائي ڇڏيندو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.