اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوام کان ٽن مهينن ۾ رڪارڊ 261 ارب رپيا پيٽروليم ليوي اوڳاڙڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
هلندڙ سال جولاءِ کان سيپٽمبر دوران پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 261 ارب 69 ڪروڙ رپيا اوڳاڙيا ويا.
ذريعن موجب ٽه ماهي ۾ سالياني بنياد تي اوڳاڙي ۾ 39 ارب 62 ڪروڙ رپيا واڌ ٿي، گذريل مالي سال جولاءِ کان سيپٽمبر تائين پيٽرليم ليوي جي اوڳاڙي 222 ارب 7 ڪروڙ هئي، هلندڙ سال پيٽروليم ليوي جي اوڳاڙي جو هدف 1281 ارب رپيا مقرر ڪيل آهي.
هن وقت في ليٽر پيٽرول ۽ ڊيزل تي 60 رپيا ليوي اوڳاڙي پئي وڃي.
You might also like