يورپ ۾ پوليو وائرس ٻيهر پکڙجڻ جو خدشو ظاهر

صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) خدشو ظاهر ڪيو آهي ته يورپين يونين جو پوليو فري اسٽيٽس ختم ٿي سگهي ٿو.
پوليو کان تحفظ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي رپورٽ ۾ ڊبليو ايڇ او يورپين يونين جي رڪن ملڪن ۾ پوليو جي سڃاڻپ ۽ ان کان بچاءَ لاءِ قدمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
صحت جي عالمي اداري چيو توڙي جو 2023 جي رپورٽ موجب يورپين يونين جي رڪن ملڪن ۾ ڪٿي به پوليو وائرس جي نشاندهي ناهي ٿي پر خطي ۾ وائرس کان تحفظ لاءِ سست قدم کنيا ويا آهن.
ڊبليو ايڇ او يورپين يونين جي رڪن ملڪن ۾ ٻيهر پوليو وائرس پکڙجڻ جو خدشو ظاهر ڪندي پوليو وائرس جي نمونن جي سڃاڻپ ۽ ان کان بچاءَ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.