12 ورهين بعد نيوزيلينڊ هٿان ٽيسٽ سيريز ۾ ڀارت کي شڪست

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جيڪا ڀارت کان 36 ورهين دوران ڪا به ٽيسٽ نه کٽي سگهي هئي اڄ ڀارت کي ان جي سرزمين تي ٽيسٽ سيريز ۾ مات ڏئي چڪي آهي.
ڀارتي ٽيم جي پنهنجي هوم گرائونڊ تي 12 ورهين کان جاري کٽڻ جي سلسلي کي بريڪ لڳي وئي، ان عرصي دوران ڀارت لاڳيتو 18 ٽيسٽ سيريز پنهنجي نالي ڪيون.
ڪرڪيٽ انتهائي بي رحم راند آهي، هڪ اهڙي راند جيڪا ڀلي کان ڀلي رانديگر کي به ڌوڏي سگهي ٿي، سندس ناقابلِ شڪست رهڻ واري خوش فهمي کي سدائين لاءِ ختم به ڪري سگهي ٿي.
پهريان بئنگلورو ۾ رڳو 46 رنسن تي ڍير ٿيندڙ ڀارتي ٽيم کي پوني ۾ بهتر پِچ هئڻ باوجود ٻنهي اننگز ۾ هڪ ٽيم طور مايوس ڪيو.
پهريان ته اِها دليل ڏنو ويندو هو ته نون ڀارتي بيٽرن وٽ اسپنرن خلاف کيڏڻ جي ٽيڪنيڪ يا مزاج ناهي پر يشسوي جئسوال ۽ سرفراز خان ان کي غلط ثابت ڪري ڏيکاريو.
اِهو به چيو پيو وڃي ته ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما جهڙن تجربيڪار رانديگرن وٽ پنهنجي ئي ملڪ جي پچز تي اسپنرن جي اهڙي مهارت ناهي جيڪا سچن ٽنڊولڪر، راهول ڊريوڊ، وي وي ايس لڪشمڻ، سهواگ ۽ گنگولي جهڙن بيٽرن وٽ هئي.
ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي بيٽر ۽ ڪامينٽيٽر سنجي منجريڪر پنهنجي تجربي ۽ ڪيريئر جو حوالو ڏيندي چيو ته جڏهن اوهان پرڏيهي پچز تي وڌيڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏندئو ته اهڙي صورتحال ۾ پنهنجي سرزمين تي سٺن اسپنرن جو مقابلو ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي.
پر سوال اِهو آهي ته ليفٽ آرم اسپنر خلاف ڪوهليءَ جهڙو ليجنڊ جهڙي ريت بيوس نظر اچي ٿو ، اوهان ڪهڙي منطق سان ان جو دفاع ڪندئو؟
انگن اکرن موجب، 2021ع کان ڪوهلي هوم ٽيسٽ ميچن ۾ اسپنرن خلاف 23 اننگز ۾ 20 ڀيرا آئوٽ ٿيو آهي، پوني جي ٻنهي انگز ۾ کيس مچل سينٽنر پويلين جو رستو ڏيکاريو جيڪو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪيوي ٽيم جو مستقل رڪن به ناهي.
اِها حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته گذريل چئن ورهين دوران هو ڀارت ۾ 15 ٽيسٽ ميچن ۽ 25 اننگز ۾ رڳو هڪ سينچري اسڪور ڪري سگهيو آهي۽ ان عرصي دوران سندس 48 کان وڌيڪ جي بيٽنگ ايوريج گهٽجي 32 تي اچي وئي آهي، يقينن ڪوهلي ۽ سندس مداحن لاءِ اِهي انگ اکر مايوس ڪندڙ هوندا.
ڪپتان روهت شرما به هن وقت ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ اوپنر طور پنهنجي ڪيريئر جي بدترين دور مان گذري رهيو آهي.
بنگلاديش سيريز کان پوني ٽيسٽ تائين روهت اٺن اننگز ۾ رڳو هڪ ففٽي اسڪور ڪري سگهيو آهي، آسٽريليا جي دوري کان اڳ ٻنهي سينيئر ترين بيٽرز جي اهڙي ڪارڪردگي ڀارتي ٽيم لاءِ پريشاني جو سبب بڻيل آهي، پر ڀارت جي سيريز هارائڻ جو ذميوار رڳو ٻن بيٽرن کي قرار ڏيڻ درست ناهي.
پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي جو گهرو سيريز ۾ مک بالر پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، روي چندرن ايشون ۽ رويندر جاڙيجا ڪيوي بيٽرن آڏو بنهه معمولي بالر نظر آيا. نه رڳو ٻئي بالر وڪيٽون وٺڻ ۾ ناڪام رهيا پر مهمان ٽيم سندن خلاف سولائي سان رنسون پڻ ٺاهيندي رهي.
واشنگٽن سُندر ٽن ورهين جي ڊگهي وقفي بعد ٽيسٽ ٽيم ۾ واپسي ڪئي ۽ هو 11 وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب رهيو، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڀارت جو اسپن شعبو ڪيترو ڪمزور هو.
سال 1969ع ۾ پهريون ڀيرو نيوزيلينڊ ناگپور ۾ گراهم ڊاولِنگ جي قيادت ۾ ڀارت کي شڪست ڏني هئي، ان کانپوءِ 1988ع ۾ جان رائيٽ جي ڪپتاني ۾ نيوزيلينڊ ڀارت کي هارايو هو.
نيوزيلينڊ جيڪا گذريل 55 ورهين دوران ڀارت خلاف رڳو ٻه ٽيسٽ ميچون کٽي سگهي هئي اُها هاڻي ڀارت ۾ هڪ پوري سيريز کٽي چڪي آهي، ڪيوي ٽيم سيريز جي ٽِين ۽ آخري ميچ کٽي ڀارت کي هوم سيريز ۾ وائيٽ واش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.
نيوزيلينڊ 2021ع ۾ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ به ڀارت کي شڪست ڏني هئي، پر ڀارت خلاف ڀارت جي سرزمين تي سيريز کٽڻ تمام وڏي ڪاميابي ۽ تاريخي ڪارنامو آهي.
ڀارتي ٽيم کي پنهنجي ملڪ ۾ چار هزار ٽي سئو اڻيتاليهه ڏينهن کانپوءِ ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ رڳو آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون اهڙيون آهن جيڪي ماضيءَ ۾ لاڳيتو ڏهه ٽيسٽ سيريز کٽڻ ۾ ڪامياب رهيون.
روهت شرما ۽ گوتم گمڀير سوچي رهيا هوندا ته آخر نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ شڪست جا ڪهڙا ڪارڻ هئا؟
نومبر ۾ شيڊيول بارڊر گواسڪر سيريز لاءِ آسٽريليا خلاف ڀارتي ٽيم جو اعلان ٿي چڪو آهي پر هنيئر تائين ٽيم جو ڪوچ گوتم گمڀير اِهو اندازو لڳائي چڪو هوندو ته ڀارتي ٽيم ۾ تبديلي جو وقت اچي چڪو آهي.
ان کان اڳ سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز ۾ تجربيڪار ڀارتي ٽيم کي شڪست جو مزو چکڻو پيو هو ۽ بنگلاديش جي ٽيم به چنائي ۾ ڀارتي ٽيم کي پريشان ڪيو هو.
پر شايد نيوزيلينڊ جي خلاف شڪست اِهو اشارو آهي ته ڀارتي ٽيم جي ڪجهه مک رانديگرن جو ڪيريئر هاڻي پڄاڻي جي ويجهو پهچي چڪو آهي.
هڪ شئي يقيني آهي ته ڀارتي ٽيم پنهنجي سرزمين تي ايندڙ سيريز اٽڪل هڪ سال کانپوءِ کيڏيندي پر اِهو پوري يقين سان نٿو چئي سگهجي ته ان وقت ڪوهلي، روهت شرما، ايشون ۽ جاڙيجا ٽيم جو حصو هوندا .
پر نيوزيلينڊ جي ٽيم، ٻي اننگز ۾ ففٽي اسڪور ڪندڙ ڪيوي ڪپتان ٽام ليٿم ۽ بئنگلورو ۽ پوني ۾ شاندار بيٽنگ ڪندڙ راچن رويندرا جي تعريف ڪرڻي پوندي.
پر مچل سينٽنر جيڪو هن سيريز ۾ ڪري ڏيکاريو اُهو شايد ان کان اڳ نيوزيلينڊ جو ڪو به اسپنر نه ڪري سگهي ها، پهرين اننگز ۾ ست وڪيٽون ۽ ٻي اننگز ۾ ڇهه وڪيٽون وٺڻ ڪنهن خواب کان گهٽ ناهي ۽ شايد نيوزيلينڊ لاءِ ڀارت کي ڀارت ۾ هارائڻ هڪ خواب جهڙو ئي آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.