لاهور (ويب ڊيسڪ) سياسي معاملن بابت وزيراعظم شهباز شريف جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي اميد ته هاڻ سازشون ڪَر نه کڻي سگهنديون.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته 26هين آئيني ترميم کانپوءِ اميد آهي ته هاڻ پاڪستان کي ٻيهر چور رستن سان نشانو نه بڻايو ويندو.
هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڻٿڪ محنت سان پاڪستان ترقي جي رستي تي آهي، ن ليگ سڀني سياسي قوتن سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي يقين رکيو.
سندس چوڻ هو ته وڏي ترقياتي منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، عام ماڻهن جي ضرورتن جو خيال رکيو پيو وڃي.
You might also like