پي ٽي آءِ قيادت کي اسان کان سکڻ گهرجي: فضل الرحمان

خوشاب (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي چيو هو او آءِ سي ڪانفرنس تي احتجاج ملتوي ڪري، پي ٽي آءِ قيادت کي اسان کان سکڻ گهرجي.
خوشاب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ کي ملندڙ رليف تي نه ڳالهائيندس، جڏهن ته عمران خان سان ملڻ لاءِ جيل وڃڻ جي ڳالهه وقت کان اڳ آهي.
هن چيو ته حڪومت جي ڪا نئين آئيني ترميم جي سوچ سامهون ناهي آئي، نيون چونڊون ٿيڻ گهرجن، جي يو آءِ اپوزيشن ۾ ويٺي آهي ۽ اپوزيشن ۾ ئي ويهنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.