ڪراچي لاءِ 500 بسن جو منصوبو، شرجيل ميمڻ جو اهم بيان سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي جي عوام لاءِ 500 بسون ٽرانسپورٽ سسٽم ۾ شامل ڪرڻ جي منصوبي بابت ٻڌائي ڇڏيو.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ مختلف کاتن جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ مختلف پراجيڪٽس بابت بريفنگ ڏني.
هن ٻڌايو ته يلو لائن بي آر ٽي پراجيڪٽ ۾ بسن سان گڏ ان جو آپريشن شامل آهي ۽ ان لاءِ پرائيويٽ پارٽنر سڄو پراجيڪٽ هلائيندا.
ان تي مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته يلو لائن جي فزيبلٽي نومبر 2024 ۾ مڪمل ڪئي وڃي.
اجلاس ۾ شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته 500 بسون ڪراچي جي ٽرانسپورٽ سسٽم ۾ شامل ڪرڻ جو منصوبو آهي، اهي اليڪٽرڪ بسون ڪراچي جي مختلف روٽن تي هلائڻ چاهيون ٿا، بسن لاءِ ڊونر ايجنسين سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته 300 ڊيزل، هائبرڊ يا اليڪٽرڪ بسون 5 ضلعن لاءِ شروع ڪرڻ چاهيون ٿا، انٽرا سٽي روٽس لاءِ ڊيزل، هائبرڊ يا اليڪٽرڪ بسون هونديون.
سندس چوڻ هو ته منصوبي تحت 60 بسون هر ڊويزن کي ڏنيون وينديون، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ۾ بسون هلايون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.