اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ايران تي اسرائيلي حملن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان امن لاءِ ايران سميت سڀني پاڙيسري ملڪن سان گڏ آهي.
پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اهڙا حملا نه رڳو خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهن پر آزادي جي اصولن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن.
هن سڀني ڌرين کي ڇڪتاڻ کان پاسو ڪرڻ ۽ صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪئي.
You might also like