پي ٽي آءِ طرفان شوڪاز ملڻ تي زين قريشي وڏو قدم کڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ زين قريشي قومي اسيمبلي ۾ ڊپٽي پارلياماني ليڊر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
زين قريشي استعيفيٰ ڏيندي چيو ته مان پارٽي طرفان موڪليل شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي ۽ شفاف انڪوائري ۽ پارٽي حامين جي جذبن جي احترام ۾ استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان.
هن چيو ته مان پنهنجي پارٽي، پي ٽي آءِ باني ۽ پيءُ جو وفادار هيس، آهيان ۽ رهندس.
واضح رهي ته تحريڪ انصاف جن ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪيا هئا، انهن ۾ زين قريشي جو نالو به شامل هو.
قومي اسيمبلي ميمبر زين قريشي ڪجهه ڏينهن کان منظر تان گم هو، پوءِ وڊيو بيان ۾ هن چيو هو ته مان پنهنجي ماءُ شاهه محمود قريشي جي چوڻ تي روپوشي اختيار ڪئي، پيءُ لاهور گهرايو ۽ چيو ته ڪنهن به صورت ۾ آئيني ترميم منظور نه ٿيڻ گهرجي.
سندس موجب آئيني ترميم جي حمايت بابت منهنجي خلاف گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي، منهنجو قومي اسيمبلي وڃڻ ته پري جي ڳالهه اتان گذرڻ به ناهي ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.