ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اداڪارا اريج چوڌري چيو آهي ته شوبز انڊسٽري ۾اسي سيڪڙو ماڻهو بُرا آهن.
هڪ انٽرويوءَ دوران اريج چوڌري غلط لاڳاپن ۽ ڪاسٽنگ ڪائوچ سميت ٻين موضوعن تي ڳالهائيندي چيو ته هڪ وڏي عمر واري هدايتڪار کيس ” لاڳاپا“ قائم ڪرڻ لاءِ چيو هو.
اداڪارا چيو ڪنهن به شخص جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته ڄاڻايل هدايتڪار کيس شادي لاءِ پر جنسي ۽ رومانوي لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ پيغام اُماڻيا هئا.
اداڪارا چيو ته انڊسٽري ۾ رهڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو آهي، ڪيئي شيون برداشت ڪرڻيون پونديون آهن.
هن انڪشاف ڪيو ته هڪ ڊرامي لاءِ سٺي آڊيشن ڏيڻ باوجود کيس ڪاسٽ نه ڪيو ويو، جڏهن هدايتڪار کان سبب پڇيو ته هن چيو ته اوهان مون کي ” گرين سگنل “ نه ڏنو هو اوهان ڪيئن ڪاسٽ ڪري سگهون ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته ڪيئي هدايتڪارن ساڻس غلط لاڳاپن لاءِ رابطو ڪيو، پر هن ڪنهن به شخص جو نالو ناهي ڄاڻايو.
” هڪ هدايتڪار جنسي لاڳاپا قائم ڪرڻ جو پيغام اُماڻيو “ اريج چوڌريءَ جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف
You might also like