پاڪستاني اداڪارن ۾ آڪڙ آهي، ڀارتي قربائتا آهن: فيصل قريشي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار فيصل قريشي ڀارتي اداڪارن جي واکاڻ ڪندي کين ملنسار قرار ڏئي ڇڏيو.
فيصل قريشي پنهنجي ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي ڀارتي اداڪارن بابت قصو ٻڌايو.
سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ سلمان خان جي غير سرڪار تنظيم“ بينگ هيومن“ جي هڪ وڏي تقريب هئي جتي پاڪستان مان به اداڪارن کي سڏايو ويو هو ۽ ڀارتي اداڪار به موجود هئا.
اداڪار چيو ته اتي ڏسي هو دنگ رهجي ويو، پهرين ملاقات سهيل خان ۽ سنيل شيٽي سان ٿي جيڪي جِم ڪري رهيا هئا ۽ هو ساڻس ائين ڳالهيون ڪرڻ لڳا ڄڻ اسان ننڍپڻ جا دوست هجون .
فيصل قريشي چيو ته هو ان کانپوءِ سلمان خان سان مليو، چنڪي پانڊي ۽ جاويد جعفري سڀ بهترين شخصيت جا مالڪ آهن ۽ تصويرن لاءِ سڏي رهيا هئا.
هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي ادڪارن جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني اداڪارن ۾ آڪڙ نظر آئي جڏهن ته ڀارتي فنڪار ملنسار آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.