اختر مينگل خلاف دهشتگردي جو ڪيس، رضا رباني جو سخت ردعمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ رضا رباني چيو ته پارليامينٽ جو ڪم ميمبرن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ ناهي.
اختر مينگل خلاف اينٽي ٽيررازم ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل ڪرڻ مذمت جوڳو آهي، ان ڪوڙي ايف آءِ آر ۾ سينيٽ سيڪريٽريٽ جو ڪو ڪردار نه هئڻ گهرجي ها.
هن چيو ته اختر مينگل جي رهائشگاهه تي اڳ به ڇاپو هنيو ويو، حڪومت سياسي هم آهنگي کي هٿي ڏئي، زخمن تي مرهم رکي، سياسي ورهاست جمهوري عمل لاءِ نقصانڪار آهي، اهو بلوچستان لاءِ به ناڪاري پيغام آهي.
سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين چيو ته بلوچستان ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن، قومي سياسي ڳالهه ٻولهه وقت جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.