ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ آسٽريليا ڊيوڊ وارنر مٿان ڪپتان بڻجڻ تي مڙهيل پابندي ڪري ڇڏي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جي ڪنڊڪٽ ڪميشن نئين سر جائزو وٺندي ساڍن ڇهن ورهين کانپوءِ اڳوڻي اوپنر ڊيوڊ وارنر جي ڪپتان بڻجڻ تي مڙهيل پابندي ختم ڪري ڇڏي.
عالمي ڪڪريٽ تان رٽائر ۽ ليگ ڪرڪيٽ ۾سرگرم ڊيوڊ وارنر هاڻ ڪپتان بڻجي سگهي ٿو،هو هاڻ بيگ بيش ليگ ۾ به سڊني ٿنڊرز جي ڪپتاني لاءِ اهل بڻجي ويو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، وارنر گهربل معيار تي پورو لهي ٿو جنهن جي بنياد تي ٽي رڪني پئنل مٿس مڙهيل پابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
ڊيوڊ وارنر ڪنڊڪٽ ڪميشن کي بيان پڻ ڏنو، جڏهن ته پيٽ ڪمنز، اينڊريو ميڪڊانلڊ، گريگ چيپل، ليزاسٿاليڪر ۽ ڪين وليمسن ٻڌڻي ۾ ڪريڪٽر ريفرنس ڏنا.
ڪرڪيٽ آسٽريلياجي چيف ايگزيڪٽيو نِڪ هوڪلي ڊيوڊ وارنر جي ڪپتان بڻجڻ تي لاڳو پابندي ختم ٿيڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.
ياد رهي ته ڊيوڊ وارنر تي 2018ع ۾ بال ٽيمپرنگ جي سينڊ پيپر اسڪينڊل کانپوءِ پابندي مڙهي وئي هئي، ان وقت ڪرڪيٽ آسٽريليا ڊيوڊ وارنر جي تاحيات ڪپتان بڻجڻ تي پابندي مڙهي هئي.
You might also like