ال ايمريٽ (ويب ڊيسڪ) ايمرجنگ ايشيا ڪپ ۾ هانگ ڪانگ، افغانستان اي کي سخت مقابلي کانپوءِ پنج وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ٽورنامينٽ جي نائين ميچ ۾ هانگ ڪانگ جي ٽيم 132 رنسن جو هدف آخري اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.
ال ايمريٽ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ افغانستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ آخري اوور ۾131 ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.
افغانستان جي صديق الله اتل 52 رنسن جي اننگز کيڏي، ڪريم جنت 21 ۽ نعمان شاهه 20 رنسون ٺاهيون.
هانگ ڪانگ جي انس خان زبردست بالنگ ڪندي 12 رنسن عيوض ڇهه شڪار ڪيا.
جواب ۾ هانگ ڪانگ 132 رنسن جو هدف پنج وڪيٽن جي نقصان تي آخري اوور جي ٽئين بال تي حاصل ڪري ورتو.
هانگ ڪانگ جي نزاڪت خان 61 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي جڏهن ته بابر حيات 39 رنسون ٺاهيون.
شاندار بالنگ تي انس خان کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .
Prev Post
You might also like