واٽس ايپ اسٽيٽس ۾ هيءَ تبديلي ڏٺي اٿوَ؟

ميٽا فيسبڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ جي ملڪيت رکندڙ ڪمپني آهي ۽ اِها هر وقت ايپ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهندي آهي.
ڪمپني طرفان انسٽاگرام جي هڪ انتهائي مقبول فيچر کي واٽس ايپ جو حصو بڻايو پيو وڃي.
فيچر ذريعي واٽس ايپ واهپيدار پنهنجن دوستن ۽ گهرڀاتين سان موسيقي شيئر ڪري سگهندا.
ويب بيٽا انفو جي هڪ رپورٽ موجب، ميٽا طرفان واٽس ايپ اسٽيٽس اَپ ڊيٽس لاءِ ميوزڪ شيئرنگ فيچر جو وڌارو ڪيو پيو وڃي.
اهڙي قسم جو فيچر انسٽاگرام جي واهپيدارن کي ڊگعي عرصي کان دستياب آهي جيڪو گهڻي قدر اسٽوريز ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.
اينڊرائيڊ ڊيوائسز لاءِ واٽس ايپ جي بيٽا ورزن ۾ اِهو فيچر ڏسڻ ۾ آيو آهي، امڪان آهي ته تمام جلد اِهو سمورن واهپيدارن کي دستياب هوندو.
رپورٽ موجب، ان فيچر ذريعي واهپيدار اسٽيٽس اَپ ڊيٽس ۾ موسيقي ايڊ ڪري سگهندا ته جيئن سندن پيغام وڌيڪ بهتر ۽ واضح ٿي وڃي.
ان فيچر لاءِ نئون ميوزڪ بٽڻ اسٽيٽس اسڪرين شيئرنگ اسڪرين تي نظر ايندو.
ان بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ کانپوءِ واهپيدار پنهنجي پسنديدا گيتن يا گلوڪارن کي سرچ ڪري سگهندا.
واهپيدار پنهنجو پسنديدا گيت ڳولي اِهو اسٽيٽس ۾ ايڊ پڻ ڪري سگهن ٿا.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ميٽا طرفان فيچر لاءِ انسٽاگرام جي ميوزڪ لائبريري جو استعمال ڪيو ويندو ۽ واهپيدارن کي گيتن جو اڻ کٽ ذخيرو دستياب هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.