ملتان ٽيسٽ: پاڪستاني اسپنر نيٺ هلي پيا، انگلينڊ جون ڇهن وڪيٽن تي 239 رنسون

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ پاڪستان خلاف ملتان ۾ جاري ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 239 رنسون ٺاهي ورتيون، انگلش ٽيم پاڪستان جي پهرين اننگز جي ٽوٽل 366 کان 127 رنسون پوئتي آهي.
ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي تي انگلش وڪيٽ ڪيپر جيمي سمٿ 12 جڏهن ته برائيڊن ڪارس 2 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا.
انگلينڊ طرفان بين ڊڪٽ 114 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، زي ڪرالي 27، اولي پوپ 29، جو روٽ 34، هيري بروڪ 9 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڪپتان بين اسٽوڪس هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو.
پاڪستان جي اسپنر ساجد خان چار وڪيٽون ورتيون جڏهن ته نعمان عليءَ جي حصي ۾ ٻه وڪيٽون آيون.
ان کان اڳ ٻئي ڏينهن پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 366 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ٻئي ڏينهن قومي ٽيم پنج وڪيٽن جي نقصان تي 259 رنسن سان پنهنجي پهرين اڻپوري اننگز اڳتي وڌائي، ان وقت محمد رضوان 37 ۽ آغا سلمان پنج رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا.
ٻئي بيٽر ٽيم جي مجموعي اسڪور ۾ رڳو پنج رنسن جو اضافو ڪري سگهيا، رضوان ڪئچ آئوٽ ٿي ويو، سلمان علي آغا به 31 رنسن جي اننگز کيڏي سگهيو.
نائين وڪيٽ تي عامر جمال ۽ نعمان علي انگلش بالرن آڏو مزاحمت ڪئي، پر هو ترتيبوار 37 ۽ 32 رنسون ٺاهي سگهيا، جڏهن ته ساجد خان 2 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو .
انگلينڊ طرفان جيڪ ليچ شاندار بالنگ ڪندي چار وڪيٽون حاصل ڪيون، برائيڊن ڪارس ٽي، ميٿيو پوٽس ۽ شعيب بشير هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
ان کان اڳ ملتان ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن پاڪستان جي ڪامران غلام 118 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي هئي، جڏهن ته اوپنر صائم ايوب 77 رنسون ٺاهيون هيون.
واضح رهي ته انگلينڊ کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.