ايس سي او گڏيل پڌرائي جاري: ميمبر ملڪن جو اختلاف ۽ تڪرار ڳالهين ذريعي نبيرڻ تي زور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شنگهائي سهڪار تنظيم سربراهي ڪانفرنس جي گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي.
ايس سي او ڪانفرنس جي گڏيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته عوام کي سياسي، سماجي ۽ معاشي ترقي جي رستي جو آزداڻي ۽ جهموري طور چونڊ جو حق حاصل آهي، رياستن جي خودمختياري، آزادي ۽ علائقائي سلامتي جو گڏيل احترام پائيدار ترقي جي بنياد آهن، طاقت جي استعمال جي ڌمڪي نه ڏيڻ جا اصول عالمي لاڳاپن جي پائيدار ترقي لاءِ بنياد آهن .
پڌرائيءَ ۾ ملڪن وچ ۾ اختلاف ۽ تڪرار ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت جي ذريعي حل ڪرڻ جو عزم ورجائيندي چيو ويو ته منصفاڻي امن، هم آهنگي ۽ ترقي لاءِ عالمي اتحاد يو اين جنرل اسيمبلي مان ٺهراءُ جي منظوري جي تجويز کي هٿي ڏيندا.
پڌرائي موجب، ايس سي او سيڪريٽريٽ جي رپورٽ ۽ 2025ع جي بجيٽ جي منظوري به ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ايس سي او ميمبر ملڪن جي سربراهن جو ايندڙ اجلاس 2025ع ۾ روس ۾ ٿيندو.
گڏيل پڌرائيءَ موجب، سياست، سلامتي، واپار، معيشت، ماليات ۽ سيڙپڪاري وارن شعبم ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي، عالمي واپار ۾ رنڊڪن، سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي غيريقيني صورتحال جو سبب بڻجي رهي آهي، سپلاءِ چينز جو خلل عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ غير يقيني واري صورتحال جو سبب بڻجي رهيو آهي، تحفظاتي تجارتي قدمن جو مقابلو ڪرڻ جون گڏيل ڪوششون جاري رکيون وڃن.
ڪانفرنس پڌرائيءَ ۾ زرعي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ واري پروگرام جي منظوري ڏيندي چيو ويو آهي ته عالمي غذائي تحفظ، غذائيت ۾ بهتري ۽ تحقيقاتي سهڪار جي ضرورت تي زور ڏنو ويو جڏهن ته نوجوانن جي پاليسي ۾ سهڪار ۽ سائنس ٽيڪنالوجي ۾ دلچسپي رکندڙ پروگرامز جي ترجيح تي زور ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.