آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ، بابر جي پوزيشن ڊائون، ڪوهلي جي ترقي

دبئي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ٽيسٽ پليئرز جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هفتيوار ٽيسٽ رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي جو روٽ جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ڪين وليمسن ٻئي ۽ نوجوان ڀارتي اوپنر يشسوي جئسوال ٻه درجا ترقي ماڻيندي ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي.
رينڪنگ ۾ ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي ڇهه درجا بهتري کانپوءِ ڇهين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
ٽيسٽ رينڪنگ ۾ قومي ٽيم جو وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان هڪ درجو بهتري سان ستين نمبر ۽ بابر اعظم هڪ درجو هيٺ ڪِرندي 12 هين نمبر تي هليو ويو آهي.
ٽيسٽ بالرن جي رينڪنگ ۾ ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بمرا جي نمبر ون پوزيشن آهي،جڏهن ته ڀارت جي ئي روي چندرن ايشون جي ٻي پوزيشن برقرار آهي، ان کانسواءِ قومي فاسٽ بالر شاهين آفريدي چار درجا تنزلي کانپوءِ 14 هين نمبر تي هليو ويو آهي.
ٽيسٽ آل رائونڊرز ۾ ڀارت جي رويندرا جاڙيجا جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، اهڙي ريت روي چندرن ايشون جي ٻي ۽ هڪ درجو ترقي کانپوءِ جو روٽ جي ٽِين پوزيشن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.